سراج الدين شاهه

سراج الدين شاهه: سيد سراج الدين شاهه ولد شيخ شهدالله نصرپور جو رهاڪو هو، پاڻ مخدوم بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان ۽ بڪيرن جي شيخ فاضل قريشيءَ جو ڏوهٽو هو، هي صوفي شاهه عنايت شهيد جو وڏو مخالف هو. جنهن وقت صوفي شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ويو هو، ان وقت هي پاڻ شاهي درٻار دهليءَ ۾ هو ۽ صوفي شاهه عنايت کي شهيد ڪرائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو.
مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته شاهه سراج الدين ڪافي پيري مريدي پيدا ڪري بادشاهه جي درٻار ۾ ڏاڍي عزت حاصل ڪئي ۽ شاهه عنايت شهيد سان جھوڪ جي جنگ جي شروعات ڪئي. دهليءَ ۾ رهي ڪري هن هر طرح صوفي شاهه عنايت خلاف هل هلايو ۽ بادشاهه کي ورغلايو هو. هن سان گڏ سندس پٽن فاضل شاهه ۽ مهر شاهه گڏجي؛ شاهه عنايت جي سخت مخالفت ڪئي. ايتري قدر جو سندس هڪ پٽ خاص طور تي بکر ۾ انهيءَ ڪري آيو ته جيئن اتي به شاهه عنايت شهيد جي خلاف مهم هلائي سگھجي.


لفظ سراج الدين شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو